خادم هرومل سدارنگاڻي

خادم هرومل سدارنگاڻي

خادم هرومل سدارنگاڻي

’خادم‘ هرومل سدارنگاڻي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘، 22 آڪٽوبر 1913ع تي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ ۾، ايسرداس سدارنگاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم شهدادپور ۾ ورتي، جنهن کانپوءِ سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ اسماعيل ڪاليج، انڌيري (بمبئيءَ) ۾ پڙهيو. هرو مل سدارنگاڻي، ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ئي هو ته ’سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ‘ جي ادبي رسالي ’مهراڻ‘ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. هي رسالو جنوري 1946ع کان پهريان ٻه ماهي ۽ پوءِ ٽه ماهي نڪرڻ لڳو ۽ 1955ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نئين تشڪيل کان پوءِ به ساڳئي نالي سان اڄ تائين نڪرندو رهي ٿو.
ورهاڱي کانپوءِ هرو مل سدارنگاڻي ڀارت هليو ويو، جتي دهلي يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي سان وابسته ٿي ويو. اڳتي هلي تهران يـونيـورسٽيءَ ۾ وڌيڪ تـعـليم ورتـائيـن، جتي هن ’پارسي گويان سنڌ‘ (Persian Poets of Sindh) جي عنوان سان هڪ تحقيقي مـقالـو لکيو ۽ پي. ايڇ. ڊي حاصل ڪئي. ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘، آل انڊيا ريڊيو تي ڪيترا ادبي پروگرام ڪيا. هو سنڌي ٻوليءَ جو ڪهنه مشق شاعر هو. سندس شاعريءَ جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن: (1) رنگين رباعيون (1959ع)، (2) روح ڏنـو ريـلــو (1964ع)، (3) پرهه جي باک (1972ع)، (4) خـوشـبوءَ جـو سفر، (5) چيخ (1977ع). ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ڪيترا تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون به لکيا، جن جو هڪ مجموعو ’ڪک ۽ ڪانا‘ عنوان سان 1966ع ۾ ڇپيو. هن ’بابرنامو‘ (1964ع)، ’گرو گوبند سنگهه‘ (1967ع)، ’ولٿول‘ ۽ ’امراءُ جانِ ادا‘ ڪتاب سـنـڌيءَ ۾ تـرجـمـو ڪيا. سندس ٻه ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا: (1) ڊاڪٽوريٽ لاءِ لکيل مقالو Persian Poets of Sindh’‘ (جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع ڇپائي پڌرو ڪيو آهي) ۽ (2) ’ڪنول پاڙون پاتار ۾‘ (1984ع). سندس آخري ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي عربي (قرآن، حديث، نهج البلاغه)، فارسي، پنجابي ۽ هندي شاعريءَ جي اثرن تي روشني وڌل آهي. هرو مل سدارنگاڻي ‘Indian Poetry Today’ جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو. هو بمبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، دهلي ۽ پنجاب يونيورسٽين جي تعليمي ڪاميٽين جو ميمبر، مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ميمبر (1957ع کان 1977ع تائين) به رهي چڪو آهي. سندس ڪجهه ڪتاب دهلي، ممبئي، پنجاب ۽ گجرات يونيورسٽين ۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا. هو ڀارت سرڪار جي بورڊ آف ايگزيمنرس آف فارين لئنگئيجز جو ميمبر رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي عالم، 6 ڊسمبر 1992ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.10.22  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ شاعر، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘، 22 آڪٽوبر 1913ع تي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ ۾، ايسرداس سدارنگاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1992.12.06  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي عالم، 6 ڊسمبر 1992ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم محمد صادق ٺٽوي
حسن شاهه جيلاني
حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو
ابنِ مقله بيضاوي
محمد عثمان ڀنڀرو
ابوالحسن صغي
زخائو ايڊورڊ
دين محمد شاهه ميڻن وارو
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
نور محمد حسيني پتافي مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون